صنم مارئي

صنم مارئي

صنم مارئي

صنم مارئي: ناليواري گلوڪاره صنم مارئيءَ جو جنم 17 اپريل 1986ع تي خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڳوٺ سيوو چانڊيو ۾ راڳي فقير غلام رسول مڱڻهار (غلامو فقير) جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد به عوامي ڳائڻو هو، جنهنڪري راڳ کيس گهر ۾ مليو. صنم مارئيءَ کي ڳائڻ جو شوق ناليواري فنڪاره عابده پروين جي صوفي راڳ ٻڌڻ سان ٿيو. هن ڳائڻ جي شروعات ستن سالن جي عمر کان شروع ڪئي. هن شروعاتي راڳ جا سبق پنهنجي پيءُ کان ورتا ۽ پوءِ حيدرآباد جي گواليار گهراڻي سان تعلق رکندڙ استاد ۽ ڪلاسيڪل راڳي فتح علي خان حيدرآباديءَ کان ورتا. سندس چوڻ موجب هن سرتار جا ڪي انگ عابده پروين کان به سکيا. 2009ع ۾ هن پهريون ڀيرو پي. ٽي. ويءَ تي يوسف صلاح الدين جي پروگرام ‘ورثا- هيريٽيج’ ۾ پنهنجي فن جو شاندار مظاهرو ڪيو. ان کان اڳ ۾ کيس 12 سالن جي عمر ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ صوفي ميوزڪ فيسٽيول ۾ سڏ ٿيو هو، جتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو هئائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي کيس نامور براڊڪاسٽر نصير مرزا ۽ پي. ٽي. وي تي حميد هاليپوٽي متعارف ڪرايو. صنم مارئي پاڪستان سان گڏ هندستان، دبئي، لنڊن، بوسنيا ۽ آمريڪا ۾ به ڳائي چڪي آهي. سندس 25 کان وڌيڪ ڪيسيٽون رليز ٿيل آهن، جڏهن ته هوءَ اسٽيج، ٽي. وي سان گڏ فلم ۾ به ڳائي چڪي آهي. صنم مارئي، شفقت علي خان ۽ راحت فتح علي خان سان گڏ ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ ڪيترائي سرائيڪي، سنڌي ۽ اردو ڪلام ڳائي چڪي آهي. صنم مارئي 2010ع ۾ هندستان ۾ ٿيندڙ هڪ ميوزڪ ڪانفرنس ‘جهانِ خسرو’ کان سواءِ فبروري 2011ع ۾ انڊيا ۾ ‘امن ڪي آشا’، نالي ميوزڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري اتي جي مشهور هندستاني ڳائڻي امراؤ ڀردواج سان گڏ ڳايو هو. کيس 2012ع ۾ لنڊن ۾ ٿيندڙ هڪ ميوزڪ ڪانفرنس ۾ سڏايو ويو، جتي هن سان گڏ حديقه ڪياني ۽ علي ظفر به هئا. هنن ٽنهي لنڊن ۾ ڳاتو، جتان پوءِ هو پيرس ۽ نيويارڪ فن جو مظاهرو ڪرڻ ويا هئا. هن 2017ع ۾ حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي طرفان ٿيندڙ لنڊن ميلي ۾ شرڪت ڪئي. صنم مارئيءَ جي شادي ڳائڻي حامد علي خان سان ٿيل آهي. کيس ٽي ٻار آهن. هوءَ سنڌيءَ کانسواءِ اردو، بلوچي، سرائڪي، پنجابي ۽ براهوي زبان ۾ به ڳائيندي آهي. کيس ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن، جن ۾: صوفي سنگر اوارڊ، شاهه لطيف اوارڊ، سچل سرمست ۽ قلندر لال شهباز اوارڊ وغيره قابل ذڪر آهن. سندس ننڍي ڀيڻ ريشمان پروين پڻ فنڪاره آهي.


لفظ صنم مارئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1986.04.17  عيسوي

گلوڪاره صنم مارئيءَ جو جنم 17 اپريل 1986ع تي خيرپور ناٿن شاهه ويجهو ڳوٺ سيوو چانڊيو ۾ راڳي فقير غلام رسول مڱڻهار (غلامو فقير) جي گهر ۾ ٿيو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الهه وسائي
اڪبر بروهي
راول فقير
سونا خان بلوچ
سهراب فقير
ڌائي الهوڌائي
استاد گامڻ خان
عالم لوهار
استاد ارباب علي کوسو
شبير سخيراڻي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون